ڏاهري، فياض

ڏاهري، فياض

فياض ڏاهري

فياض ڏاهري : نامياري شاعر فياض ڏاهريءَ جو اصل نالو غلام حسين ولد روشن علي ڏاهري آهي، هن 5 جنوري 1971ع تي تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز (اڳوڻي نواب شاهه) ۾ درٻيلي ڀرسان ڳوٺ محمد ڇٽل ڏاهريءَ ۾ جنم ورتو. سندس نانو آخوند دين محمد ڏاهري تر جو مشهور حڪيم، سنڌي ۽ فارسيءَ جو بهترين شاعر هو، جنهن جي تربيت هيٺ’فياض‘ ڏاهريءَ شاعريءَ جي ابتدا ڪئي. هن مئٽرڪ تائين تعليم درٻيلي مان ورتي، ان بعد گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري مان انٽر پاس ڪري، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان گرئجوئيشن ڪئي. فياض ڏاهريءَ ادبي دنيا ۾ 1989ع کان پير پاتو .هي سنڌي ادبي سنگت درٻيلي شاخ جي بنيادي ميمبرن مان آهي. سندس شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. سندس پهريون شعري مجموعو ’آلا نيڻ بهارن جا‘ 2006ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جو مهاڳ قومي ،دانشور ۽ اديب عبدالواحد آريسر لکيو. هن پهرئين مجموعي ئي فياض ڏاهريءَ کي نئين ٽهيءَ جي صف اول جي شاعرن ۾ آڻي بيهاريو. فياض ڏاهريءَ نظم، گيت، غزل ۽ بيت سرجيا آهن، پر سندس نظم وڌيڪ پـُر اثر ۽ فني حوالي سان پختا آهن. هن هڪ نئين شعري صنف ’دهري‘ تي به طبع آزمائي ڪئي آهي. ’فياض‘ ڏاهري 1991ع ڌاري سنڌ پوليس ۾ ملازمت جو آغاز ڪيو ۽ هن وقت انسپيڪٽر طور حيدرآباد ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو